SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سام-واد نسل مخالف نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سام-واد نسل مخالف نظريو

Anti Semitism

اينٽي سيمائيٽزم

سامي نسل جي ماڻهن لاءِ ڌڪار ۽ ساڻن متڀيدواريءَ هلت جنهن مطابق سندن سانوري رنگت کي غلاميءَ جي علامت قرار ڏنو ويو، هونئن ته عربن سميت علائقي جون مڙئي قومون انهيءَ هلت جو شڪار ٿيا. پر ويجهي ماضي ۾ انهيءَ ڌڪار ۽ متڀيد جو خاص نشانو يهودي: انهيءَ رويي جي ابتدا وچين دور (Middle Ages) ۾ ملي ٿي، جڏهن مختلف يورپي ملڪن / قومن (جرمني، پولينڊ، روس وغيره ) وقفي وقفي سان يهودين ڏانهن نسلي متڀيد واري هلت رکي. ويهين صديءَ عيسويءَ ۾ ان اصطلاح جو گهڻو ذڪر جرمنيءَ جي آمر ايڊالف هٽلر جي حوالي سان ٿئي ٿو. يهوديت جي ڪٽر مخالف جي حيثيت ۾، هٽلر يهودين تي بيشمار ظلم ڪيا ۽ کين هر طريقي سان تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هٽلر جرمنيءَ اندر يهودين جي ملازمت تي پابندي هنئي ۽ 1935ع ۾ سندن سڀ شهري حق ختم ڪيا. هٽلر جي ئي حڪم تي ٻي مهاڀاري لڙائي هلندي، يهودين کي جرمنيءَ منجهان تڙيو ويو ۽ لکين يهودين کي جيلن ۽ ايذاءَ گهرن ۾ موڪلي قتل ڪيو ويو. هيءُ اصطلاح ٻن يهودي دانشورن ويلهم مار ۽ ارنيسٽ رينان 1870ع ۾ گهڙيو


Remember Me Also:

اڳ ڪٿي ڪرڻ

پيشينگوئي ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal